مصري ٽي وي جي ميزبان رميز غلال جي ڀوڳ تي آمريڪي اداڪارا پيرس هلٽن روئي ويٺي

قاهره (شوبز نيوز) مصري ٽي وي جي ميزبان رميز غلال جي ڀوڳ تي آمريڪي اداڪارا پيرس هلٽن روئي ويٺي. خابرو اداري موجب مصري ٽي وي شو جي ميزبان رميز غلال جي دعوت تي پيرس هلٽن شو ۾ شرڪت جي لاءِ دبئي پهتي ته کيس ان ڳالهه تي راضي ڪيو ويو ته هو شو جي رڪارڊنگ کان پهريان جهاز ۾ ويهي دبئيءَ جو هوائي نظارو ڪندي. پائليٽ رميز جي هدايت موجب اهڙي مهارت ڏيکاري جو جهاز ۾ ويٺل مسافرن کي لڳو ته جهاز هيٺ ڪرڻ لڳو آهي، جنهن تي پيرس هلٽن سميت جهاز ۾ سوار سڀ ماڻهو روئڻ لڳا. ڪيترن ئي ته پيرا شوٽ پائي جهاز مان ٽُپ ڏيڻ جي تياري ڪري ورتي، پر پيرس هلٽن ٽُپ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. جڏهن آمريڪي اداڪارا کيس ٻڌايو ته هي مزاحيه پروگرام جي رڪارڊنگ هئي، ته هوءَ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي وئي. عمران خان جي اڳوڻي گھر واري جمائمه ان واقعي تي سخت تنقيد ڪندي لکيو ته اهڙي قسم جو ڀوڳ ڪنهن سان به نه ڪرڻ گھرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *