مشهور ڳائڻو عاطف اسلم 32 هين ۽ شريا گهوشال اڄ 31 هين سالگرهه ملهائيندا

لاهور(شوبز نيوز)جڳ مشهور ڳائڻو ۽ اداڪار عاطف اسلم اڄ پنهنجي 32 هون جنم ڏينهن ملهائي رهيا آهي،جنم ڏينهن تي عاطف اسلم مداحن کي گاني جو تحفو ڏيندو، وزيرآباد ۾ پيدا ٿيندڙ ڳائڻو عاطف اسلم جا سڃي دنيا ۾ ڪروڙين مداح آهن، ڀيگي يادين، احساس ، ماهي وي ، آنکهون سي ، جل پري عاطف اسلم جا مشهور البم آهن، بالي ووڊ جي ڪيترين ئي فلمن ۾ عاطف اسلم جو خوبصورت آواز گونجي رهيو آهي، ڳائڻ سان گڏوگڏ عاطف اسلم ڪيترين ئي فلمن ۾ اداڪاري جا به جوهر ڏيکاريا آهن، تازي رليز ٿيڻ واري بالي ووڊ جي فلم “بدلا پور” جي هڪ گاني ۾ به عاطف اسلم جلوا ڏيکاريا آهن،حڪومت پاڪستان جي طرفان تمغه امتياز کٽڻ وارو عاطف اسلم فلم فئير ، لڪس اسٽائل سميت ڪيترا ئي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي. جيئن ته خوبصورت چهري ۽ مٺڙي آواز سان نوجوان نسل ۾ مقبول شريا گهوشال اڄ 31 سالن جي ٿي وئي آهي، ديوداس سان چاهتن جو سلسلو شروع ڪرڻ واري شريا گهوشال پوئتي هٽي نه ڏٺو،“ويواه” ۾ شاهد ڪپور ۽ امريتا راوء جي محنت کي شريا پنهنجي آواز سان وڌيڪ خوبصورت بڻايو، موسم حسين آهي ته انسان به خوس ٿي وڃي ٿو، عاشقي ٽو ۽ بلاڪ بسٽر ۽ فلم پي ڪي ۾ به شريا پنهنجي خوبصورت آواز جو جادو جاڳايو، لاتعداد بالي ووڊ فلمن ۾ ڳائڻ واري شريا ڪيترائي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ويٺي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *