مشهور فلم ٽائٽينڪ جي موسيقي تخليق ڪندڙ موسيقار جيمز هارنر فوت

لاس اينجلس(شوبز نيوز) آنجهاني جيمز هارنر ٽائيٽينڪ کانسواءِ بريو هارٽ، اوتارا، اسٽار ٽيڪ ۽ ٽرائي جهڙين مشهور فلمن  کي دل ڇهندڙ موسيقي ڏني.هالي ووڊ جي ليجينڊري موسيقار جيمز هارنر هڪ هوائي حادثي ۾ مارجي ويو.پرڏيهي خابرو اداري مطابق 61 سالن جي جهاز کي حادثو ساتنا باربرا جي علائقي ۾ پيش آيو. ذريعن مطابق هارنر پاڻ جهاز هلائي رهيو هو.1997ع ۾ جيمز هارنر کي فلم ٽائيٽينڪ  جي خوبصورت موسيقي ڏيڻ جو اعزاز حاصل هو جنهن تي کيس آسڪر ايوارڊ پڻ مليو.هڪ اندازي مطابق ان مشهور گيت جون 27 ملين کان وڌيڪ ڪاپيون وڪرو ٿي چڪيون آهن.هڪ ڀيرو هڪ انٽرويو ۾ جيمز هارنر جو چوڻ هو ته موسيقي منهنجي زندگي آهي. مان هميشا اهڙو ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان جيڪو ماڻهن جي دلين کي ڇهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *