مذهب جي نالي تي قتل عام ڪندڙن قرآن ناهي پڙهيو: سلمان خان

ممبئي(شوبز نيوز)بالي وُوڊ اسٽار عام طور تي سوشل ميڊيا تي ٿورا گهڻا پيغام يا فلمن جي مشهوري ڪندو رهندو آهي جڏهن ته پاڪستان جي شهر پشاور ۾ هڪ اسڪول تي دهشتگردن جي حملي ۾ 130 کان وڌيڪ ٻارڙن جي موت تي ان جا سنجيده خيال سامهون آيا آهن،  هن ان واقعي بابت ٽوئٽر ذريعي چيو ته جهادت جو مطلب ڪوشش آهي، سٺو بڻجڻ جي ڪوشش اڄ جهاد جو سڀ کان ويڪ غلط مطلب ڪڍيو پيو وڃي، ماڻهن فساد کي جهاد بڻائي ڇڏيو عورتون پوري طرح مردن جي برابر آهن ۽ انهن جا به مردن جيترا حق آهن، مذهب جي نالي تي قتل عام ڪندڙن قرآن ناهي پڙهيو، سلمان خان ٽوئٽر تي پنهنجا تاثر ظاهر ڪرڻ سان گڏوگڏ اردن جي راڻي رانيه جون ڪجهه پوسٽون به ري ٽوئيٽ ڪيون راڻي جي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ويو هو ته آخر ڪيستائين معصوم ٻار انهاپسندي جي قيمت ادا ڪندا رهندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *