مدر ٽريسا جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهيان ٿي : جيڪو لين فرنينڊنس

ممبئي(شوبز نيوز) ”ڪڪ” گرل جيڪولين فرنينڊنس چيو آهي ته هوءَ مدر ٽريسا جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي. ميڊيا جي رپورٽن مطابق فلم ”راءِ” جي پرومو دوران هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن کيس ڪا بايوپڪ ڪرڻي هوندي ته هوءَ مدر ٽريسا جو ڪردار ادا ڪرڻ پسند ڪنديس جيڪو نهايت دلچسپ تجربو هوندو ڇاڪاڻ ته مون کي ان بابت گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته مدر ٽريسا ڀارتي تاريخ ۾ انتهائي اهم شخصيت رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *