ماهره خان فلم ”رئيس“ ۾ اداڪار شاهه رُخ خان جي هيروئن بڻجندي

ممبئي(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره ماهره خان فلم”رئيس“ ۾ اداڪار شاهه رُخ خان جي هيروئن بڻجندي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب پاڪستاني اداڪاره ماهر خان ”رئيس“ ۾ اداڪار شاهه رُخ خان جي هيروئن جو ڪردار ادا ڪندي. اداڪاره پاڪستاني ڊرامه ”هم سفر“ سبب ڀارت ۾ تمام گهڻي مقبول ٿي آهي جنهن سبب رتيش سڌواني ۽ فرحان اختر کيس فلم ”رئيس“ ۾ ڪاسٽ ڪري ورتو آهي. فلم جي هدايت راهول ڍولڪيا ڏئي رهي آهي. شاهه رخ خان فلم ۾ گينگيسٽر جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جڏهن ته نواز الدين صديقي فلم ۾ پوليس آفيسر جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته اداڪاري فلم لاءِ بهترين چونڊ ثابت ٿيندي. فلم جي شوٽنگ جي شروعات جلد ئي ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *