مان زندگيءَ جو هر فيصلو مڙس جي صلاح سان ڪندي آهيان؛ريما

ڪراچي (شوبز نيوز) فلمسٽار ريما خان چيو آهي ته شاديءَ کان پوءِ ڪامياب زندگي گھارڻ لاءِ پيار ۽ محبت جو هجڻ لازمي آهي، مان زندگيءَ جو هر فيصلو مڙس جي صلاح سان ڪندي آهيان، ان ڪري اسان خوشين سان ڀريل زندگي گذاري رهيا آهيون، هڪ انٽرويوءَ دوران ريما خان چيو ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته پيار محبت کان پوءِ ٿيندڙ شاديون تمام ڪامياب هونديون آهن پر منهنجو يقين آهي ته جيڪڏهن پيار ۽ محبت برقرار رهي ته ناڪاميءَ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته منهنجو مڙس سڀ فيصلا صلاح سان ڪندو آهي. اهو ئي اسان جي خوشين جو راز آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *