ليجنڊ اداڪار محمدعلي جي نائين ورسي خميس 19 مارچ تي ملهائي وئي

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان فلم انڊسٽري جي ليجنڊ اداڪار محمدعلي جي نائين ورسي خميس 19 مارچ تي ملهائي وئي. جاري ٿيل پريس پڌرائيءَ مطابق محمدعلي جي بيوه مشهوراداڪاره زيبا پنهنجي گهر تي قرآن خاني جو اهتمام ڪيو. محمدعلي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان ڪئي جنهن بعد هن اداڪار طور فلم انڊسٽريءَ ۾ پير پاتو. سندس پهرين فلم ”چراغ جلتا رها“ هئي جيڪا 1962ع ۾ رليز ٿي. محمدعلي کي شاندار فلمي خدمتن عيوضن ”تمغه امتياز“ ۽ ”پرائيڊ آف پرفارمنس“ سان نوازيو ويو هو. محمدعلي جي مشهور فلمن ۾ ڪنيز، آئينه، آگ ڪا دريا، جاگ اٿا انسا، ڀروسا، ملن، شمع، جب جب ڦول کلي، زنجير، بوبي ۽ محبت هو تو ايسي شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *