ليجنڊ اداڪار الياس ڪشميري جي ستين ورسي جمعي تي ملهائي ويندي

فيصل آباد (شوبز نيوز)پاڪستان فلم انڊسٽري جي ليجنڊ اداڪار الياس ڪشميري جي ستين ورسي جمعي 12 ڊسمبر تي ملهائي ويندي. ان موقعي تي سڄي ملڪ جي نگار خانن ۾ خاص تعزيتي تقريبون منعقد ڪيون وينديون. جڏهن ته ليجنڊ اداڪار جا مداح پڻ سندس روح جي ايصال ثواب لاءِ قرآن خوانين ۽ فاتحه خوانين جو اهتمام ڪندا. الياس ڪشميري 5 ڏهاڪن تي مشتمل پنهنجي فلمي سفر ۾ اهم ڪردارن کي يادگار بڻايو. مرحوم اداڪار کي 83 سالن جي عمر ۾ شوگر جي بيماري ٿي جنهن تي ڊاڪٽرن سندس هڪ پير پڻ ڪٽيو پر پوءِ به هو بچي نه سگهي ۽ 12 ڊسمبر 2007ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *