ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڳائڻي لتا منگيشڪر طبيعت خراب هجڻ جي ڪري پنهنجي 85هين سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهي، ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق ليجنڊ ڳائڻي لتا منگيشڪر جي سالگرهه تقريب جو خصوصي مهمان ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر هو، لتا ٽيليفون ذريعي پارٽي ۾ شرڪت ڪندڙن ۽ سچن ٽنڊولڪر کان پارٽي ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي معذرت ڪئي، لتا منگيشڪر بدران سندس ڀيڻ مهمانن جي ميزباني ڪئي، لتا منگيشڪر 1943ع ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا آهن.