جيڪو ”پي ڪي“ ڏسڻ گناهه ٿو سمجهي اهو هي فلم نه ڏسي: ڀارتي عدالت

نئين دهلي(شُوبز نيوز)معاشرتي برائين تي ٺهيل عامر خان جي فلم پي ڪي خلاف عدالت ۾ داخل درخواس تي دلي هاءِ ڪورٽ به حيرانگي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جيڪو فلم ڏسڻ گناهه سمجهي ٿو اهو نه ڏسي فلم پي ڪيخلاف دلي هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي جسٽس روحاني ۽ جسٽس آر ايس اينڊلا تي مشتمل 2 رڪني بينچ ٻڌڻي دوران چيو ته ملڪ جو آئين فنڪار کي معاشرتي برائين جي عڪاسي جي اجازت ڏئي ٿو ۽ قانون ان ڳالهه جو تحفظ ڏئي ٿو ته آرٽسٽ ڪنهن به انداز سان معاشري ۾ ٿيندڙ برائين کي ڏيکاري سگهي ٿو ججز پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته فلم خلاف درخواست جو عدالت ۾ اچڻ ان ڳالهه طرف اشارو ڪري ٿو ته ملڪ ۾ مذهبي عدم برداشت ۾ تيزي سان اصافو ٿي رهيو آهي، عدالت قرار ڏنو ته جنهن شخص کي پي ڪي  فلم ڏسڻ گناهه ٿو لڳي ان کي گهرجي ته فلم ڏسڻ کان پاسو ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *