لاهور(شوبز نيوز) ٽي وي جي ٻن مشهور ليجنڊ اداڪارن قوي خان ۽ قاضي واجد چيو آهي ته اسان ٻنهي جي زندگي اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصيتي ٻڌل آهي. ٻنهي فنڪارن هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام مارننگ شو ۾ ڪمپئينر صنم بلوچ سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. ڳالهين دوران قاضي واجد قوي خان کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته قوي خان نرم دل جو انسان آهي. قاضي واجد کي قوي خان پنهنجو انتهائي پيارو دوست قرار ڏنو. قوي خان ۽ قاضي واجد جي ان شو کي لکين مداحن ڏنو