في الحال شادي جو ڪو ارادو ناهي: رنبير ڪپور/ ڪترينا ڪيف

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور ۽ ڪترينا ڪيف تي 2016ع ۾ شادي ڪرڻ  واري حوالي سان شايع ٿيڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي. رنبير ڪپور  انٽرويو ڏيندي چيو ته منهنجي ۽ ڪترينا جي شادي متعلق شايع ٿيڻ  واري خبر صحيح ناهي، في الحال شادي جو ڪو ارادو ناهي. ڇو جو اسان پنهنجي ڪيريئر کي ٺاهڻ ۾ مصروف آهيون. رنبير ڪپور وڌيڪ چيو ته هو شادي جهڙي وڏي خبر ميڊيا کان نه لڪائيندي . ٻئي پاسي ڪترينا ڪيف جو چوڻ هو ته هن به اڃا تائين شادي جو ڪو فيصلو ناهي ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *