فيض احمد فيض جو 104 يوم پيدائش جمعي تي ملهايو ويو

فيصل آباد(شوبز نيوز) اردو جي ناليواري شاعر فيض احمد فيض جو 104 يوم پيدائش گذريل ڏينهن (جمعي) تي ملهايو ويو. نالي وارو شاعر 13 فيبروري 1911ع تي پيدا ٿيو هو. يوم پيدائش جي موقعي تي سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تقريبون منعقد ڪيون ويون جن ۾ عظيم شاعر جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. فيض احمد فيض جي سالگره جي موقعي تي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خاص پروگرام نشر ڪيا ويا جڏهن ته پرنٽ ميڊيا ۾ پڻ خاص مضمون شايع ڪيا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *