ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اميتاڀ بچن جي فيس بڪ تي مداحن جو انگ 18 ڪروڙ ٿي ويو آهي. اميتاڀ بچن سماجي رابطن وارين ويب سائيٽس فيس بڪ ۽ ٽوئٽر تي پنهنجي مداحن جو ٿورو مڃيندي مداحن کي چيو ته کيس خوشي آهي ته ايڏي وڏي انگ ۾ سندس چاهيندڙ موجود آهن. واضح رهي ته اميتاڀ بچن سماجي ويب سائيٽس تي فلمي زندگي، پنهنجن خيالن ۽ تجربن بابت مداحن کي آگاهه ڪندو رهندو آهي