فواد بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جي ڀاءُ هدايتڪار سهيل خان جي فلم ٿڏي ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪار فواد خان پنهنجي ڪيريئر کي ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌائڻ ۾ تمام احتياط کان ڪم وٺي رهيو آهي ۽ رڳو اهي ئي اسڪرپٽ قبول ڪندو آهي جيڪو پنهنجي لاءِ مناست سمجھندو آهي. رڳو اهو ئي نه پر پنهنجي جانداراداڪاري ذريعي بالي ووڊ ۾ ٿرٿلو برپا ڪندڙ فواد خان جي ترجيح انگ بدران معيار آهي. اڄ ڪلهه ان بابت خبرون آهن ته فواد بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جي ڀاءُ هدايتڪار سهيل خان جي فلم ٿڏي ڇڏي آهي. ٽائمز آف انڊيا موجب اسڪرپٽ پسند نه اچڻ تي فواد سهيل خان جي فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان معذوري ڏيکاري. رپورٽ موجب سهيل خان فواد سان ملاقات ڪري تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪيو، سندس چوڻ هو ته اڃا مان اسڪرپٽ تي مصروف آهي، ڏسون ٿا ان بابت ڪجھه چئي نه ٿو سگھان. ٻئي طرف فواد خان جي ويجھن ذريعن جو چوڻ هو ته اڃا ڪجھه اسڪرپٽ سندس نظرن مان گذري رهيا آهن، جڏهن هو ممبئي ايندو ته ڪجھه پروڊيوسرن سان ملاقات ڪندو. فواد خان اڄ ڪلهه پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”ڪپور اينڊ سنز“ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي. ان فلم ۾ به هن عاليه ڀٽ سان بولڊ سين فلمبند ڪرائڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي ڪري فلم جو اسڪرپٽ بدلائڻو پيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *