لاهور(شوبز نيوز) فنڪارن طرفان مختلف سياسي پارٽين ۾ شامل ٿيڻ جو لاڙو وڌڻ لڳو آهي. ان سلسلي ۾ سالن کان پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ رهندڙ اداڪار مصطفيٰ قريشي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. فلم اسٽار ميرا اڳ ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ هاڻي پي ٽي آءِ جي ويجهو رهڻ جو اشارو ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. فلم اسٽار ليليٰ پڻ ڪنهن وڏي سياسي پارٽي ۾ شرڪت لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي. جڏهن ته ان کان سواءِ فلم اسٽار هدايتڪار، پروڊيوسر ۽ ٽي وي فنڪار پڻ پنهنجو فيصلو بدلائڻ لاءِ تياريون ڪري رهيا آهن.