فلم ڊائريڪٽرن ۽ پروڊيوسرن معاشي ڏکيائين سبب پنهنجا ڪاروبار شروع ڪري ورتا

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستان فلم انڊسٽري ۾ راڄ ڪندڙ نالي وارا ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر ايور نيو اسٽوڊيو ۽ رائل پارڪ ۾ پنهنجي آفيسن کان محروم ٿي ويا، انهن مان ڪيتران ئي فلم سازن پنهنجا ڪاروبار شروع ڪري ورتا آهن، جڏهن ته نالي وارن ڊائريڪٽرن جي اڪثريت معاشي ڏکيائين جو شڪار ٿي وئي آهي، فلم ساز سهيل بٽ گاڏين جو ڪاروبار ۽ سياست ۾ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، فلم بلندي جهڙي سپر هٽ فلم ٺاهيندڙ اسلام بٽ پرنٽنگ پريس ٺاهي ڇپائي جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ايور نيو اسٽوڊيو جي مالڪ ۽ سمورا وسيلا رکندڙ شهزاد گل پڻ مختلف ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيا آهن، فلم ساز ميان خالد فيروز اٽي جو ڪاروبار شروع ڪري رهيو آهي، 50 کان وڌيڪ فلم ساز اسٽوڊيو ۽ رائل پارڪ سميت ڪم ڇڏيا آهن، ايور نيو استوڊيو مان ماڻهن جي اڪثريت غائب ٿي چڪي آهي، اسٽوڊيو ويران ٿي ويا آهن. ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *