ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار عامر خان چيو آهي ته فلم ”پي ڪي“ م هو نفسياتي مريض جو ڪردار ادا نه پيو ڪري. ميڊيا رپورٽن موجب هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ان فلم ۾ سندس ڪيريئر جو ڏکيو ترين ڪردار هو. هن چيو ته فلم ۾ هو جيڪو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ان ۾ هو پنهنجون اکيون ڇمڀي نه ٿو سگهي. ڄاڻايل فلم 19 ڊسمبر تي رلي ٿيندي جنهن کي ووهو ونود چوپڙا پروڊيوس ڪيو آهي جڏهن ته ان جو هدايتڪار راجڪمار هيراني آهي