ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم پي ڪي باڪس آفيس تي سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ڀارتي ميڊيا مطابق فلم رليز ٿيڻ جي پهرين ٻن هفتن ۾ مظاهرن باوجود ڌوم ٿري جي 542 ڪروڙ بزنس جو رڪارڊ ٽوڙي سڄي دنيا ۾544 ڪروڙ جو بزنس ڪيو آهي، فلم تيزي سان 6 سئو ڪروڙ ڪلب ۾ داخل ٿيڻ طرف وڃي رهي آهي، واضح رهي ته پي ڪي ۽ ڌوم ٿري بالي ووڊ جون 2 فلمون آهن، جيڪي هاڻي تائين 5 سئو ڪروڙ ڪلب ۾ داخل ٿيون آهن. فلم ۾ مرڪزي ڪردار عامر خان ۽ انوشڪا شرما ادا ڪيو آهي، جيڪا مختلف مذهبن ۾ موجود لاڙن تي مشتمل آهي. ان فلم خلاف ڪيترن ئي شدت پسندن احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا آهن جن جو چوڻ آهي ته ان فلم ۾ سندن مذهب جو مذاق اڏايو ويو آهي. فلم 19 ڊسمبر تي رليز ٿي جنهن هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ بزنس ڪيو آهي.