ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جو چوڻ آهي ته فلم هيپي نيو ايئر سميت 2014ع ۾ رليز ٿيندڙ سمورين فلمن ۾ هو سٺي اداڪاري ناهي ڪري سگهي ان لاءِ هن سال هو پاڻ کي ڪنهن ايوارد جو مستحق به نه ٿو سمجهي، ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ شاهه رخ خان جو چوڻ هو ته ان جي فلم هيپي نيو ايئر 2014 ۾ تمام سٺو بزنس ڪيو پر هڪ اداڪار جي حيثيت سان هو سمجهي و ته فلم ۾ هن اهڙو ڪم نه ڪيو جنهن جي ان کان اميد ڪئي وڃي ٿي، ان لاءِ هو پاڻ کي هن سال ڪنهن ايوارڊ جو مستحق به نه ٿو سمجهي.