لاس اينجلس (شوبز نيوز) ٻي عظيم جنگ تي ٺهندڙ فلم ”فيوري“ 14 نومبر تي سينيما گهرن جي زينت بڻبي. ڊيود آئير جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم جي ڪهاڻي ٻي جنگ عظيم جي چوڌاري گهمي ٿي جنهن ۾ 5 آمريڪي فوجين تي ٻڌل عملو فيوري نالي ٽينڪ تي دشمن جو پيڇو ڪندي نظر ايندو. فلم ۾ براڊ پٽ ۽ ڊيڊي نالي ڪمانڊر جو مرڪزي ڪردار نڀائيندو.