فلم ديوانه کان پوءِ شاهه رخ خان سئنيمائن جي پردي تي ڇائنجي ويو

ممبئي(شوبز نيوز) اها ڳالهه 23 سال پراڻي آهي، ”ديوانه“ نالي فلم رليز ٿي هئي، ڪٿان ان جي وڊيو ڪيسيٽ ملي وئي هئي، جيڪا وي سي آر ۾ ماڻهو ان وقت هلائي ڏسندا هئا. ٻارن سان ڀريل اسان جي اسڪول جي بس پنجاب کان دهليءَ جي ٽوئر تي هئي. ڊگھي سفر جو ٿڪ ۽ بوريت جي ڪري بس ۾ فلم ”ديوانه“ لڳائي وئي. فلم هلڻ جي ڪجھه وقت تائين ڪجھه خاص هلچل نه هئي، ڪجھه ماڻو ان وقت تائين اڌ ننڊ ۾ هئا ۽ پوءِ اوچتو اسڪرين تي هڪ نئين هيرو جي انٽري ٿي. اسڪرين تي گيت وڄڻ شروع ٿيندو آهي ”ڪوئي نه ڪوئي چاهيي، پيار ڪرني والا“ اوچتو سموري بس ۾ بجليءَ جو ڪرنٽ ڊوڙي ويو ۽ ايئن لڳو ڄڻ فلم هاڻي شروع ٿي هجي. وڏا ڪپڙا پاتل اسڪرين تي نظر ايندڙ اهو سنهڙو سيپڪڙو هيرو هو. ڏسندڙ ان کي فوجي جھِڙي ڊرامي جي ڪري ڄاڻڻدا هئا، پر گھڻا ماڻهو ان کان اڻ واقف هئا. ڏسندي ئي ڏسندي اهو فلم جي جان بڻجي ويو، نالو هئس شاهه رخ خان، هيءَ سنه 1992ع جي ڳالهه آهي. ٽيون خان: هيءَ رڳو شروعات هئي، ان کان پوءِ ته بس ان کان پوءِ ته هڪ ٻئي پويان شاهه رخ خان سئنيمائن جي پردي تي ڇائنجي ويو، عامر خان ۽ سلمان خان کان پوءِ فلم انڊسٽريءَ کي ٽيون خان ملي ويو ۽ شاهه رخ باقي ٻنهي خانن سان گڏجي اڄ تائين فلم انڊسٽريءَ تي ”راڄ“ ڪري رهيو آهي. اڄ فلم ”ديوانه“ جي 23 سال پورا ٿيڻ تي سوشل ميڊيا تي به شاهه رخ خان ڇانيل آهي. 23GoldenYersOfSRK# جي نالي سان ٽرينڊ به هلي رهيو آهي. ديوانه ۾ شاهه رخ خان سان ڪم ڪندڙ رشي ڪپور ٽوئيٽ ڪيو ته ”اڄوڪي ڏينهن 1992ع تي ديوانه رليز ٿي هئي، تڏهن کان 23 سال ٿي چڪا آهن، ديويا ڀارتي، ديوين ورما، امريش پوري ۽ راج ڪنور کي ياد ڪري رهيو آهيان.”ديوانه کي هدايتڪار راج ڪنور ڊائريڪٽ ڪيو هو، هيروئن دويا ڀارتي هئي، ولن امريش پوري ۽ ٻيا سڀئي فوت ٿي ويا آهن. 23 سالن جي ان سفر ۾ شاهه رخ ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ ڪروڙين مداح ٺاهيا، هيرو طور شاهه رخ پهريون ڀيرو ديوانه ۾ نظر آيو هو. جيتوڻيڪ ان کان پهريان 1989ع ۾ سندس هڪ ننڍي جھلڪ فلم ”ان وچ ايني گيوز اٽ ٿوز ونس“ ۾ نظر آئي هئي جنهن ۾ ارون ڌتي راءِ ڪم ڪيو هو، پر شاهه رخ خان هڪ اڌ سين ۾ نظر آيو هو. پهرين فلم کان پوءِ سندس مشهوري وڌندي وئي. جيڪا اڄ تائين جاري و ساري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *