فلم جي رليز ٿيڻ تائين معاوضو ناهيان وٺندو: عامر خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار عامر خان چيو آهي ته هو ڪنهن فلم جو معاوضو ان جي رليز ٿيڻ تائين ناهي وٺندو، هو فلم جي ڪاميابي کان پوءِ پروڊيوسر کان پنهنجي حصي جا پيسا معاوضي طور وٺندو آهي ۽ جيڪڏهن فلم ناڪام ٿي وڃي ته هو هڪ پيسو به ناهي وٺندو، ان ڳالهه جو اظهار عامر خان پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ ڪيو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هو فلم جو ان جي مڪمل ٿيڻ ۽ رليز تائين معاوضو نه وٺڻ سبب ڪنهن به قسم جي دٻاءَ کان مڪمل آزاد هوندو آهي، هن چيو ته هو فلم جي چونڊ رڳو سٺو اسڪرپٽ ڏسي ڪندو آهي ۽ کيس ان ڳالهه جو ڪو ڏک ناهي هوندو ته اها فلم ڪيترن ڪروڙن جو بزنس ڪندي ۽ هو پنهنجي ڪردار سان مڪمل انصاف ڪندي تمام گهڻي محنت ڪندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *