ممبئي (شوبز نيوز) فلم ”جذبه“ هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ سينيما گھرن جي زينت بڻبي. فلم ۾ ايشوريا راِءِ بچن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي مداحن کي جلوا ڏيکاريندي، 2010ع کان فلمي اسڪرين تان غائب بالي ووڊ اداڪارا جلد ئي سنجي گپتا جي فلم جذبه ۾ نظر ايندي، جنهن ۾ سندس مقابلي ۾ عرفان خان هوندو، جيڪو پڻ هن فلم بابت تمام پرجوش آهي، صحافين سان ڳالهائيندي بالي ووڊ اداڪارا جو چوڻ هو ته اپريل ۾ فلم جي شوٽنگ ختم ٿي ويندي، فلم سيپٽمبر تي سينيما گھرن جي زينت بڻبي.