فلم جذبا کي هلندڙ سال 9 آڪٽوبر تي عام نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ پنهنجي نرالي اداڪاريءَ جي ڪري نالو ڪمائيندڙ اداڪار عرفان خان ايڪشن ٿرلر فلم ”جذبه“ ۾ ايشوريا راءِ بچن سان گڏ اداڪاريءَ جا جلوا ڏيکاري رهيو آهي. گذريل ڏينهن هڪ تقريب ۾ صحافي پاران سوال ته فلم ۾ ايشوريا جي هوندي اوهان کي گھٽ اهميت ڏني وئي هوندي جي جواب ۾ هن چيو ته کيس ان جي ڪا پرواهه ناهي، ڇو ته مون ان فلم ۾ ڪم ئي ايشوريا جي ڪري ڪيو آهي. فلم ۾ ايشوريا راءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جڏهن ته عرفان خان کان سواءِ شبانه اعظمي ۽ جيڪي شروف به فلم ۾ اهم رول ادا ڪندي نظر ايندا. ايڪشن سان ڀرپور بالي ووڊ فلم سائوٿ ڪوريا جي سال 2007ع ۾ رليز ٿيل فلم ”سيون ڊيز“ جو ريميڪ آهي، جنهن کي هلندڙ سال 9 آڪٽوبر تي عام نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *