فلم ”بينگ بينگ“ هلندڙ سال جي سڀ کان وڌيڪ بزنس ڪندڙ فلم بڻجي وئي

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ فلم ”بينگ بينڪگ“ 2014ع جي سڀ کان بزنس ڪندڙ فلم بڻجي وئي. ذريعن مطابق فلم بينگ بينگ جي مرڪزي ڪاسٽ ۾ اداڪاره ڪترينا ڪيف ۽ اداڪار رٿيڪ روشن شامل آهن. اها فلم 2014ع جي سڀ کان وڌيڪ بزنس ڪندڙ فلم آهي. ان فلم ۾ آمريڪا ۾ رڪارڊ بزنس ڪيو آهي. جڏهن ته اها فلم آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي 100 سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ لڳائي ويندي. فلم پهرئين هفتي ۾ 3 ملين ڊالر جي ڪمائي ڪئي آهي جڏهن ته ايندڙ هفتن ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *