لاهور (شوبز نيوز) هدايتڪار شهزاد رفيق چيو آهي ته 2015ع ۾ فلم انڊسٽري تيزي سان ترقي ڪندي ۽ انڊسٽري تي جلد سٺو وقت ايندو، هن چيو ته ڀارتي فلمن جي نمائش سبب سئنيمائن جي رونقن ۾ اضافو ٿيو آهي پر اسان جون مقامي فلمون به تيزي سان ڪامياب ٿي رهيون آهن، شهزاد رفيق ٻڌايو ته ايندڙ سال هو هڪ نئين عالمي معيار جي فلم ٺاهڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.