- لاس اينجلس
(شوبز نيوز) هالي ووڊ جي نئين سائنس فڪشن فلم انٽر سٽيلر جو نئون ٽيلر جاري ٿي ويو آهي. سڌ سماءَ جي ذريعن موجب فلم جو هدايتڪار ڪرسٽو فرٽومن آهي. فلم جي ڪهاڻي اهڙن سائنسدانن جي چوڌاري گهمي ٿي جيڪو پنهنجي تيزي سان تباهه ٿيندڙ سياري کي بچائڻ لاءِ ٻي دنيا جو سفر ڪندا آهن. جنهن دوران کيس غير متوقع صورتحال جو منهن ڏسڻو پوندو آهي، ڄاڻايل فلم 7 نومبر تي سينيما گهرن جي زينت بڻبي.