فلمي دنيا جو سڀ کان وڏو آسڪر ايوارڊ فلم ”برڊ مين“ پنهنجي نالي ڪري ورتو

لاس اينجلس(شوبز نيوز)خوشي جا رنگ وکيري هالي ووڊ نگري ۾ سجايل سڀ کان وڏو ايوارڊ ميلو جتي سڀني جي اميدن جي برعڪس فلم برڊ مين بهترين فلم جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آمريڪي شهر لاس اينجلس جي ڊولبي ٿيٽري ۾ 87 هين سالياني آسڪر ايوارڊ جي تقريب منعقد ٿي جتي لفمي ستارن جلوا ڏيکاريا 87 هين آسڪر ايوارڊ جي ڊوڙ ۾ بهترين فلم لا ءِآمريڪن سنائپر، برڊ مين، بوائي هڊ، دي گرينڊ بڊاپسٽ هوٽل، دي ايميٽيشن گيم، سيلما، دي ٿيوري آف ايوري ٿنگ ۽ ويپ ليش کي نامزد ڪيو ويو هو جڏهن ته جيوري جي گڏيل فيصلي کانپوءِ فلم برڊ مين کي بهترين فلم جي ايوارڊ سان نوازيو ويو آسڪر ايوارڊ ۾ ايڊي ريڊ مائن بهترين اداڪار، جوليا مور بهترين اداڪاره جو ايوارڊ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *