فلمن ۾ پروموشنز هاڻي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي: اميتاب بچن

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اميتاب بچن چيو ته پروموشنز هاڻي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي. بالي ووڊ اداڪار اميتاب بچن پنهنجي تازي انٽرويو ۾ چيو ته فلم انڊسٽري ۾ پروموشنز (اشتهاري مهم) کي هاڻي اهم ضرورت سمجهيو ويندو آهي. هر فلم سان ان فلم جي پروموشن تي پڻ چڱو خرچ ڪيو ويندو آهي. ۽ جيڪڏهن فلم جو اسڪرپٽ جاندارانه هجي ته فلم مداحن کي پسند نه اچي ته فلمساز کي ڳرو نقصان ٿيندو آهي. ڇو جو اهڙيون فلمون باڪس آفيس تي پڻ ناڪام ٿي وينديون آهن. هن چيو ته هو فلم لاءِ پروموشن کي ضروري سمجهي ٿو پر ان کي ڪاميابي جي ضمانت نه ٿو سمجهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *