فلمن جي چونڊ اسڪرپٽ ڏسي ڪندو آهيان: عامر خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار عامر خان چيو آهي ته هو فلمن جي چونڊ باڪس آفيس کي نظر ۾ رکندي نه پر اسڪرپٽ کي ڏسي ڪندو آهي. پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ عامر خان چيوته اهو هڪ افسوسناڪ رجحان آهي ته تخليقي ماڻهو نمبر گيم بابت سوچڻ شروع ڪن. هن چيو ته جيڪڏهن آئون 100 ڪروڙ جي ڪلب ۾ شامل ٿيندڙ فلمن جي چونڊ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيان ته منهنجي چونڊ تمام محدود ٿيندي ۽ ايئن ڪرڻ تخليقي صلاحيتن کي ختم ڪرڻ آهي. هن چيو ته آئون هميشه فلمن جي چونڊ اسڪرپٽ کي ڏسي ڪندو آهي جنهن فلم جو اسپرٽ مون کي سٺو لڳو مون ان ۾ ڪم ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *