فرح خان تي ”هيپي نيو ايئر“ جو سيڪوئل ٺاهڻ لاءِ دٻاءُ وجهندس: اڀيشڪ بچن

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اڀيشڪ بچن جو چوڻ آهي ته هو هدايتڪاره فرح خان ت ي ”هيپي نيو ايئر“ جو سيڪوئل ٺاهڻ لاءِ دٻاءُ وجهندو. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ 38 سالا اڀيشڪ بچن چيو ته فلم جي ڪاميابي کان پوءِ مان ۽ فلم جي سموري ڪاسٽ فرح خان تي دٻاءُ وجهنداسين ته هو ان فلم جو سيڪوئل ٺاهي. هن چيو ته اسان ۾ هر ڪو هڪ تيم طور تي ٻيهر ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. ڇو ته اسان فلم جي شوٽنگ دوران هڪ سٺو ۽ يادگار وقت گذاريو. اڀيشڪ چيو ته فرح خان کي سيڪوئل لاءِ هڪ سٺي ڪهاڻي سان اچڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *