فرانس ۾ ٿيل 68 هون ڪانز فلم فيسٽيول 12 ڏينهن بعد ختم

پيرس(شوبز نيوز): فرانس ۾ ٿيل 68 هون ڪانز فلم فيسٽيول 12 ڏينهن بعد ختم ٿي ويو آهي فيسٽيول جو سڀ کان وڏو ايوارڊ پام ڊي او فرانسيسي فلم دمپن جي نالي رهيو فلم دمپن جي ڪهاڻي اهڙي پناهه گزين ماڻهن جي چوڌاري گهمي ٿي جيڪي فرانس ۾ پنهنجي نئي زندگي جو آغاز ڪرڻ چاهن ٿا ڪانز فلم فيسٽيول جو گرائونڊ پرائز هنگري جي ڊائريڪٽر فلم سن آف سائول جي نالي رهيو فلم ۾ بئي عالمي وڏي جنگ دوران يهودين جي قتل عام کي موضوع بڻايو ويو آهي جڏهن ته جيوري پاران بهترين فلم جو ايوارڊ يو نالي ڊائريڪٽر جي فلم دي ايسٽر کي ڏنو ويو ان کانسواءِ ونسينٽ لنڊن کي بهترين اداڪار، ووني مارا کي بهترين اداڪاره ۽ سيائو کي بهترين ڊائريڪٽر جي ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *