عمائمه ملڪ جي ڪاميابين جو سلسلو زور شور سان جاري،بريڪ ٿرو ايوارڊ سان نوازيو ويو

دبئي (شوبز نيوز) مصالحه ايوارد 2014ع جي رنگين شام ۾ عمائمه ملڪ کي نه رڳو بهترين بريڪ ٿرو ايوارڊ سان نوازيو ويو پر بالي ووڊ هٽ نمبرن تي جنهن ۾ هن فلم ”راجا نٽور لال“ جا گيت به شامل هئا، انرجيءَ سان ڀرپور پرفارمسن ڏئي هن ماحول کي گرمائي ڇڏيو، ماڊل ۽ اداڪارا عمائمه ملڪ جي ڪاميابين جو سلسلو زور شور سان جاري آهي ۽ جاندار ايڪٽنگ تي ڪيترائي ايوارڊ ميڙيندڙ عمائمه ملڪ پنهنجي ڪارڪردگيءَ تي نئون ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو، ”مصالحه ايوار 2014ع جو بهترين پرفارمر ايوارڊ به پنهنجي نالي ڪيائين. عمائمه ملڪ پنهنجي چونڊ کي صحيح ثابت ڪيو ۽ اهڙي ڌماڪيدار پرفارمنس ڏنائين جو پورو وينيون تاڙين سان وڃي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *