علي ظفر پشاور جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ گانو ”اُڙين گي“ رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪار ۽ گلوڪار پشاور جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ گانو ”اُڙين گي“ رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو. بالي ووڊ اداڪار ۽ گلوڪار علي ظفر ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته گذريل سال ڊسمبر ۾ پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول جي سانحي تي کيس ڏک ٿيو آهي. دهشتگردن معصوم ٻارن ۽ استادن کي پنهنجي ظلم جو نشانو بڻايو ۽ بي درديءَ سان کين شهيد ڪيو. هو خوش آهي ته ان گاني لاءِ جيڪو هن شهيدن کي خصوصي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ڳايو آهي جي وڊيو ۾ فلم انڊسٽري جي شخصيتن، گلوڪارن ۽ راندين سان لاڳاپيل شخصيتون هن سان گڏ يڪجهتي لاءِ گڏ ٿيون آهن جنهن تي هو انهن جو شڪرگذار آهي. علي ظفر گذريل سال ريليز ٿيل فلم ”ڪل دل“ هئي جنهن رڪارڊ بزنس ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *