علي ظفر پاڪستاني فلم جي ڪري ٽي ڀارتي فلمون ٿڏي ڇڏيون

لاهور(شوبز نيوز) مشهور ڳائڻي ۽ اداڪار علي ظفر پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪري بالي ووڊ جي ٽن فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو.  تازو ئي ڀارت جو دورو ڪرڻ دوران کيس بالي ووڊ جي ناليوارن فلمسازن پاران  اهم ڪردارن جي لاءِ  رابطو ڪيو هو پر علي ظفر پاڪستان ۾ پنهنجي پهرين فلم ۾ مصروف هجڻ ڪري ٽنهي فلمن جي ملندڙ آڇ کي رد ڇڏيو. علي طفر ميڊيا کي ٻڌايو ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ ئي مان ان ڳالهه جو اعلان ڪري چڪو آهيان ته هن سال مان پاڪستان ۾ ڪم ڪندس ۽ پنهنجي فلم ٺاهيندس. ان جي ڪري مون ڪيترن ئي نوجوان ليکڪن کان اسڪرپٽ به ورتو هو ۽ هاڻي  مون پنهنجي پهرين فلم جي ڪاغذي ڪارروائي پوري ڪري ڇڏي آهي، مون پنهنجو فوڪس هن وقت پاڪستان ۾ پنهنجي فلم تي ئي رکيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *