ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار عرفان خان پنهنجي ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو فلم ”قصه“ ۾ پڳ پاتي. ڀارتي اخبار مطابق فلم پنجابي ٻوليءَ ۾هوندي، جنهن کي انوب سنگهه ڊائريڪٽ ڪري رهيو آهي. عرفان خان چيو ته ان فلم ۾ هو بلڪل مختلف ڪردار ۾ نظر ايندو. فلم جو موضوع وارث جي ڳولا آهي. عرفان خان ٻُڌايو ته هو فلم ۾ نبر سنگهه بڻجندو.