عامر خان ”منا ڀائي“سيريز جي نئين فلم ۾ سرڪٽ جو ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار عامر خان ”منا ڀائي Aamir-Khan-8-pack-bodyجي سلسلي جي نئين فلم ۾ سرڪٽ جو ڪردار ادا ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو. ذريعن مطابق بالي ووڊ اداڪار عامر خان پنهنجي تازي انٽرويو ۾ منا ڀائي سلسلي جي ايندڙ فلم ۾ سرڪٽ جو ڪردار جيڪو اڳ ارشد وارثي ادا ڪيو آهي، جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو. عامر خان چيو ته ارشد وارثي اهو ڪردار بي حد خوبصورتي سان نڀايو. ان سلسلي جو سڀئي فلمون کيس بي حد پسند آهن پر سرڪٽ جو ڪردار سندس پسنديده آهي ۽ هو اهو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *