عامر خان جي فلم ”پي ڪي“ جي ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر کي نوٽيس جاري، 16 اپريل تي طلب

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارت جي عدالت عامر خان جي تازو رليز ٿيل سپر هٽ فلم پي ڪي جي ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر کي نوٽيس جاري ڪندي 16 اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي. نئين دهلي هاءِ ڪورٽ جي جج نجمي وزيري ناول نگار ڪپيل ايساپوري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست پنهنجي وڪيل معرفت موقف اختيار ڪيو ته پي ڪي فلم جي ڊائريڪٽر راجڪمار هيراڻي ۽ پروڊيوسر وڌو ونود چوپڙا سندس ناول فرشتا جي ڪهاڻي چوري ڪئي آهي. هن ٻڌايو سندس ناول فرشتا سال 2013ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ هن مذهب جي نالي تي ماڻهن کي وهم ۾ مبتلا ڪندڙ ڪردارن خلاف آواز اٿاريو آهي. هن عدالت کي اپيل ڪئي ته سندس ناول جي ڪهاڻي چوري ڪندڙن مٿان هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ ڀرائي ڏنو وڃي. عدالت، ناول نگار ڪپيل ايساپوري جو موقف ٻڌڻ بعد پي ڪي هدايتڪار راجڪمار هيراڻي، پروڊيوسر وڌو ونود چوپڙا ۽ اسڪرپٽ رائيٽر اڀيجيت جوشي کي نوٽيس جاري ڪندي کين 16 اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته تازو رليز ٿيل فلم پي ڪي ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ رڪارڊ بزنس ڪيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *