عاطف اسلم پنهنجي سالگرهه تي مداحن کي گاني جو تحفو ڏيندو

نئين دلي(شوبز نيوز)عاطف اسلم مداحن کي خوشخبري ڏني آهي ته هو انهن کي پنهنجي سالگرهه تي هڪ خاص تحفو ڏيندو ڀارتي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ عاطف اسلم جو چوڻ هو ته هن وقت ان جي پوري توجهه بالي ووڊ تي آهي جنهن سبب ان جي البم رليز نه پئي ٿئي جيڪا ان جي مداحن جي ناراضگي جو سبب بڻجي رهي آهي، هن چيو ته مداحن جي ناراضگي ختم ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي نئين البم تيار ڪري رهيو آهي جنهن جو پهريون گانو هو پنهنجي سالگرهه جي ڏينهن رليز ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *