شاهه رُخ خان سلمان خان جي ڀيڻ جي شاديءَ ۾ شرڪت جي تصديق ڪري ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار شاهه رُخ خان سلمان خان جي ڀيڻ جي شادي ۾ شرڪت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن موجب شاهه رُخ خان ۽ سلمان خان وچ ۾ اختلاف آهن، ان ۾ پهرين کان وڌيڪ گهٽتائي آئي آهي. پر سلمان خان جي ڀيڻ جي شادي کي ماضيءَ جا اختلاف حل ڪرڻ جو بهترين موقعو سمجهيو پيو وڃي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ شاهه رُخ خان چيو ته پُڇيل سوال جي جواب ۾ سلمان خان جي ڀيڻ جي شادي ۾ شرڪت ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو ته سلمان خان جي ڀيڻ سندس جي به ڀيڻ وانگر آهي ۽ جيڪڏهن کيس دعوت نامو نه به ڏنو وڃي ها ته ضرور ان تقريب ۾ شرڪت ڪيان ها. واضح رهي ته سلمان خان جي ڀيڻ جي شادي جي تقريب 18 نومبر تي حيدرآباد ۾ ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *