شاهه رخ خان ۽ ڪاجول ديوگن هڪ دفعو ٻيهر فلم ۾ گڏ نظرايندا

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي فلم بلاڪ بسٽر جوڙي شاهه رخ خان ۽ ڪاجول هڪ دفعو ٻيهر گڏ نظر ايندا، هدايتڪار روهت سيٺي بالي ووڊ جي ايور گرين جوڙي ٻيهر شوقينن جي سامهون آڻي رهيو آهي، روهت بالي ووڊ ۾ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان سرگرم خبرن جي تصديق ڪندي، چيو ته انهن جي نئين فلم “دل والي” ۾ شاهه رخ خان ۽ ڪاجول خاص ڪردار ادا ڪندا، بالي ووڊ جي مشهور جوڙي ان کان پهرين مائي نيم از خان ۾ به نظر آئي هئي، رومانوي فلم ۾ ورون ڌون ۽ هيروپنتي جي هيروئن ڪريتي سينن به نظر ايندي،“دل والي” جي شوٽنگ جو آغاز 20 مارچ تي ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *