شاهه رخ خان سان ڪڏهن به ڪو اختلاف ناهي رهيو ۽ نه ئي اسان وچ ۾ لاڳاپا ڪڏهن خراب ٿيا آهن: اجي ديوگن

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اجي ديوگن جو چوڻ آهي ته شاهه رخ خان سان سندس ڪڏهن به ڪو اختلاف ناهي رهيو ۽ نه ئي اسان وچ ۾ لاڳاپا ڪڏهن خراب ٿيا آهن. ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ اجي ديوگن جو چوڻ هو ته بلغاريا ۾ فلمن جي شوٽنگ دوران شاهه رخ خان سان ملاقاتون ۽ گڏ ماني کائڻ عام ڳالهه هئي، پر سوشل ميڊيا تي ان کي گھڻي اهميت ڏني وئي، جيڪا منهنجي سمجھه کان ٻاهر آهي، ڇو ته اسان ٻنهي جا لاڳاپا سدائين خوشگوار رهيا آهن. اجي ديوگن جو چوڻ هو ته خوشگوار ازدواجي زندگي گذاري رهيو آهيان، مان خوش آهيان ته منهنجي گھر واري ڪاجول وڏي پردي تي ڪنگ خان سان جلوا ڏيکاريندي. ڪاجول پاڻ فلمي دنيا کان پري رهي ۽ ان ئي واپسي جو فيصلو به ڪيو، هوءَ هڪ سٺي فلم سان بالي ووڊ ۾ ٻيون ڀيرو قدم رکي رهي آهي، ڇو ته فلمون ڏسندڙ ڪاجول ۽ شاهه رخ جي جوڙيءَ کي تمام گھڻو پسند ڪندا آهن ۽ اڳتي به کين گڏ ڏسڻ ٿا چاهين

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *