شاهد آفريدي ڀارتي ٽي وي پروگرام ۾ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ٽي وي جي مشهور ريئلٽي شو “ نچ بلئي ” جي سيزن 7 جي شروعات ٿيڻ ۾ ڪجهه ڏينهن باقي آهن ۽ شو جي ريٽنگ وڌائڻ ۽ ڏسندڙن کي خوش ڪرڻ لاءِ دنيا جي مشهور شخصيتن کي گهرائڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي لاءِ شو جي انتظاميه پنهنجي ريٽنگ وڌائڻ لاءِ قومي ٽيم جي اسٽار آل راوءنڊر شاهد آفريدي کي به ان ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، شاهد آفريدي شو ۾ وڃڻ جو راضپو ظاهر ڪيو بعد ۾ ان کي شو جي ٿيم جي باري ۾ ٻڌايو ويو جنهن ۾ “زال” سان گڏ گاني تي ڊانس شو جو اهم حصو هو، جنهن کان پوءِ شاهد آفريدي شو جي ان شرط کي رد ڪندي پروگرام ۾ وڃڻ کان معذرت ڪئي ۽ ٽوڪيندڙ جملن ۾ چيو ته “ زال کي نچائڻو ناهي” شاهد آفريدي جي انڪار کان پوءِ شو جي انتظاميه ان کي راضي ڪرڻ ۾ مصروف آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *