شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه اقبال جو جنم ڏينهن 9 نومبر تي انتهائي عقيدت سان ملهائيو ويندو

حيدرآباد (شوبز نيوز) مسلمانن لاءِ الڳ سرزمين جو خيال پيش ڪندڙ اوڀر جي ناليواري شاعر علامه اقبال جو هڪ سئو 37 هون جنهن ڏينهن 9 نومبر آچر ڏينهن ملهايو ويندو. ان موقعي تي ٽي وي ۽ ريڊيو چئنل خصوصي پروگرام نشر ڪندا جن ۾ شاعر مشرق جي حياتي، نظرين ۽ ڪاميابين تي روشني وڌي ويندي. 9 نومبر 1977ع تي سيالڪوٽ ۾ جنم وٺندڙ علامه اقبال ٻه قومي نظريو پيش ڪندي چيو ته هندستان ۾ مسلمانن لاءِ الڳ سرزمين هجڻ گهرجي، جنهن کي بعد ۾ پاڪستان جو نالو ڏنو ويو. اوڀر جي شاعر علامه اقبال جي شاعريءَ جي مجموعن جو اردو ۽ انگريزي سان گڏ مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي، سندس شاعريءَ جي مجموعن ۾ بانگِ درا، بالِ جِبريل، رمُوزِ بيخوديِ، پيامِ مشرق، ضربِ ڪليم ۽ مسافر شامل آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *