سچن ٽنڊولڪر پنهنجي زندگي تي ٺهندڙ فلمن ۾ پاڻ ڪردار ادا ڪندو

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت جو نالي وارو ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر پنهنجي زندگي تي ٺهندڙ فلم ۾ پاڻ ڪردار ادا ڪندو، ممبئي جي هڪ پروڊڪشن هائوس جي ترجمان ٻڌايو ته ان فلم جي ڊائريڪشن برطانوي هدايتڪار جيمز اسڪين ڏيندو، هن چيو ته اها فلم بنيادي طور تي سچن ٽنڊولڪر جي ذاتي زندگي تي ٺاهي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته عوام سندس ڪرڪيٽ ڪيريئر جي باري ۾ سڀ ڪجهه ڄاڻڻ چاهي ٿو، هن چيو ته فلم جو نالو هن وقت تائين نه رکيو ويو آهي، جڏهن ته فلم 90 منٽن کان 2 ڪلاڪن جي وچ ۾ هوندي، فلم هلندڙ سال جي پڄاڻي يا ايندڙ سال رليز ڪئي ويندي. هن چيو ته فلم جي شوٽنگ گذريل سال کان جاري آهي ۽ هلندڙ سال به جاري رهندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *