سچائي سان ڪم ڪندڙ اداڪارن جي حوصلا افزائي ڪندي آهيان: وديا بالن

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره وديا بالن چيو آهي ته هوءَ سچائي سان ڪم ڪندڙ اداڪارن جي هميشه حوصلا افزائي ڪندي آهي، ڀارتي ميڊيا مطابق وديا بالن پنهنجي انٽرويو ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته بالي ووڊ ۾ ڪاميابي جو سفر آسان نه آهي، ان کي شروع ۾ اڳيان وڌڻ لاءِ ڪا مدد حاصل نه هئي، ان کان غلطيون به ٿيون ۽ مايوسي به ٿي پر آخرڪار ڪاميابي ملي، اداڪاره وڌيڪ چيو ته هو هاڻي بالي ووڊ ۾ نون اداڪارن جي رهنمائي ڪندي آهي ۽ انهن کي ٻڌائيندي آهي ته ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه. هن وڌيڪ چيو ته اداڪاري کي صرف ڪمائي جو ذريعو نه بڻائڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *