سٺن هدايتڪارن طرفان آڇ جو منتظر آهيان: منورشي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار منورشي چيو آهي ته هو فلمن ۾ مرڪزي ڪردار ملڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي، اداڪار منورشي جيڪو فلم ”بينڊ باجا بارات“ ۽ ساٿيا ۾ مختصر ڪردار ادا ڪري چڪو آهي، سندس ايندڙرليز ٿيندڙ فلم ”اڪيس توپون ڪي سلامي“ آهي، ان فلم ۾ سندس مختصر ڪردار آهي، ادڪار چيو ته هو وڏي بينرز جي فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو، هن چيو ته صرف سٺن هدايتڪارن طرفان آڇ جو منتظر آهي، ته جيئن پاڻ کي مڃرائي سگهي ۽ پنهنجي فني صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪري. منورشي ٻڌايو ته هو مستقبل ۾ هدايتڪاري جو ارادو پڻ رکي ٿو ۽ هن کي موقعو مليو ته اها خواهش پوري ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *