نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ هيروئن سونم ڪپور 1986ع ۾ هاءِ جيڪنگ جو نشانو بڻجندڙ امريڪي جهاز جي فلائيٽ اٽينڊنٽ نيرجا ڀانوٽ جو ڪردار ادا ڪندي. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق اها فلم رام مدهواني ٺاهيدو. واضح رهي ته ڀارتي شهر ممبئي مان ڪراچي ايندڙ ان مسافر جهاز کي 4 هٿياربند عسڪريت پسندن اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر نيرجا ڀانوٽ پنهنجي جان جي پرواهه جي بغير مسافرن جون جانيون بچائڻ جي ڪوشش ۾ ماري وئي هئي. ڀارتي حڪومت نيرجا کي اعليٰ ترين سويلين ايوارڊ اشوڪ چڪر جو حقدار قرار ڏنو هو.